ابرار ابڙو

ابرار ابڙو

ابرار ابڙو

ابرار ابڙو: شاعر ۽ ليکڪ ابرار حسين ولد رضا محمد ابڙو 21 مارچ 1974ع تي، تعلقي باقراڻي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڳيريلي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ جو امتحان ڳيريلي مان پاس ڪيو. ايم اي (سنڌي ادب 2007ع) جي ڊگري، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپورميرس مان حاصل ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 1996ع کان ڪئي. سندس لکڻيون، ’مھراڻ‘، ’سارنگا‘، ’لھرون‘، ’سارس‘، ’همرچو‘، ’سنڌي ريکائون‘، ’ناٽڪ‘ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. 1998ع کان 2001ع تائين سب ايڊيٽر طور روزاني ”عوامي آواز“ ۽ روزاني ”سنڌ سجاڳ“ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت خانگي اسڪول ۾ به پڙهايو. سنڌي ادبي سنگت ڳيريلي شاخ جو 1996ع ۾، ٿوري وقت لاءِ سيڪريٽري به رهيو. ڳيريلو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ سان ڪجهه وقت وابسته رهيو. هن شاعريءَ ۾ بيت، وايون، نظم ۽ غزل لکيا آهن. ان کان علاوه نثر ۾ ڪجهه ڪھاڻيون ۽ اڀياس پڻ تحرير ڪيا، البت هاڻي صرف غزل لکي رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’اکين کي پنڌ ڪرڻو آ‘ 2023ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. 2014ع ۾ ماهوار ’ناٽڪ‘ مئگزين ڪراچيءَ جي طرفان کيس مڃتا اوارڊ مليو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.03.21  عيسوي

شاعر ۽ ليکڪ ابرار حسين ولد رضا محمد ابڙو 21 مارچ 1974ع تي، تعلقي باقراڻي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڳيريلي ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد شجاع ثاني
پرسرام ضياء
خواجه غلام فريد
بسنت ڪمار تياڳي
جبار تاثير سومرو
سلطان باهو
شيخ پراڙ
بشير منگي
تنوير عباسي ڊاڪٽر
ڀٽو حبيب الله
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون